روشن الدين روشن

روشن الدين ’روشن‘: مشهور بزرگ فقير روشن الدين ولد حاجي محمد سومرو، 1900ع ڌاري ڳوٺ صوفي فقير، تعلقي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هي صوفي شاعر ۽ بزرگ صوفي صديق ’صادق‘ جي پوٽاڻ مان هو. روشن الدين ’روشن‘ سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي چڱي مهارت رکندو هو. شروع ۾ سير سفر ۽ شڪار جو بيحد شوق هوندو هئس. بعد ۾ فقيري اختيار ڪيائين. فقيريءَ دوران هن ڪيترا چلا ڪڍيا، جنهنڪري هو جسماني طرح بنهه ڪمزور ٿي ويو. سندس هڪ ڪتاب جو مواد اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهي.
’ياد رفتگان‘ ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ لکي ٿو ته، ”مرحوم بلڪل نرم طبيعت انسان، خوش اخلاق، درويش ۽ باتهذيب فقير شاعر هو. پنهنجي ڀاءُ صوفي قلندر بخش جي قتل ٿيڻ بعد فقيري اختيار ڪيائين.“
سندس وفات 1950ع ڌاري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو